اخباری تراشےپریس/میڈیاخبریںنیوز چینلز

دادو کے زیر اہتمام سویڈن میں ہونے والے قرآن پاک کی بے حرمتی کے سلسلے میں احتجاج

دادو (پ.ر) عالمي روحاني تحريڪ انجمن سرفروشان اسلام جي طرفان پريس ڪلب دادو جي سامھون سويڊن ۾ ٿيل قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ اڳواڻن عبدالڪريم جمالي، غلام رسول سولنگي بشير احمد چانڊيو ۽ ثاقب چنہ، سميت وڏي تعداد تمام مڪاتب فڪر سان تعلق رکندڙ شرڪت ڪئي.احتجاج ۾ خطاب ڪندي عبدالڪريم جمالي چيو ته سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي ۽ ڪجهه عالمي رھنمائو جي طرفان ھن ناپاڪ حرڪت کي آزادي اظهار قرار ڏيڻ جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا ۽ عالمي دھشتگردي قرار ڏيون ٿا بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اھڙي قسم جي ناپاڪ جسارت ڪرڻ انتھائي شرمناڪ آھي جنهن جي ڪري ڪروڙين مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي ھن شرمناڪ واقعي کي آزادي اظھار قرار ڏيڻ شرمناڪ عمل ۽ قابل برداشت ناھي بيان ۾ چيو ته حڪومت پاڪستان کان سخت لفظن ۾ مطالبو ڪيون ٿا ھن ناپاڪ جسارت تي سويڊن ملڪ سان عالمي سطح تي بائيڪاٽ ڪيو وڃي ۽ سويڊن سان سفارتي تعلقات ختم ڪيا وڃن.